خسرو خان چرڪس

خسرو خان چرڪس: مرزا خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس، ترخان دور جو امير ڪبير هو. هو ملڪي سياست ۽ سلطنت جي سموري نظام تي حاوي هو. هي چنگيز خان جي اولاد مان هو. ابتدا ۾ ملا جاني بندريءَ جو ملازم رهيو، جتان مرزا عيسيٰ خان ترخان اول (962هه/1555ع - 974هه/1566ع) کيس پاڻ وٽ آڻي، پهريان آفتابچيءَ جي عهدي تي رکيو ۽ پوءِ سندس ذاتي خوبيون ڏسي، کيس مختلف پرڳڻن جي عملداري ڏنائين. خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس جي روشن مستقبل جي ابتدا جيتوڻيڪ مرزا عيسيٰ جي زماني ۾ ٿي چڪي هئي ۽ مرزا باقيءَ جي دور ۾ به کيس اهميت حاصل رهي، ليڪن سندس اقتدار جو اصلي زمانو مرزا جاني بيگ جي وقت ۾ شروع ٿيو ۽ مرزا غازي بيگ ترخان جي ڏينهن ۾ سندس شهرت ۽ عظمت آسمان تائين پهچي چڪي هئي.
خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ جي وچ ۾ جيڪو مقابلو ٿيو، ان ۾ جوانمرديءَ ۽ بهادريءَ جو اصلي نمونو مرزا خسرو چرڪس جو وجود هو. هن سنڌ کي هندي مغلن هٿان بچائڻ خاطر وڏا وس ۽ ڏاڍا جتن ڪيا. جوانمرديءَ ۽ جنگي قابليت جا جوهر قدم قدم تي ڏيکاريا، ليڪن سندس چارو چلي ڪونه سگهيو. خان خانان جي تحريڪ تي جاني بيگ صلح لاءِ مجبور ٿيو، لاچار ٿي خسرو چرڪس پڻ پنهنجو سندرو کولي ميدان مان نڪري هليو ويو.
مرزا جاني بيگ کي جڏهن خان خانان هندستان وٺي هليو ته ٻين ترخاني اميرن سان گڏ خسرو خان کي به گڏ وٺي ويو. (عبدالباقي نهاونديءَ جي لکڻ موجب مرزا جاني بيگ، 24 جمادي الثاني سن 1001هه/ 18 مارچ 1593ع تي اڪبر جي درٻار ۾ پهتو.)
خان خانان جي سفارش تي جڏهن اڪبر بادشاهه سيوهڻ جي سموري سرڪار ۽ ٺٽي مان لاهري بندر ڪڍي پنهنجي حڪومت سان ملائي- سرڪار نصرپور، سرڪار چاچڪان، باقي سرڪار ٺٽو ۽ سرڪار چاڪر هاله ۽ جوڻ، جاني بيگ جي حوالي ڪئي. ان وقت ٻين ترخاني اميرن سميت ملڪ جي سنڀال ۽ انتظام لاءِ خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس پڻ هندستان مان واپس ٺٽي پهتو.
مرزا جانيءَ جي انتقال (27 رجب 1009هه/ 22 جنوري 1601ع) کان پوءِ سنڌ جي ترخاني حصي تي، سندس پٽ مرزا غازي بيگ برقرار رهيو. مرزا غازي بيگ ننڍيءَ عمر جو هو، جنهنڪري خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس صحيح معنيٰ ۾ ملڪ جو مختار ڪُل ٿي ويو. انهيءَ زماني ۾ خسرو خان ۽ سندس خاندان جي فردن ايترو اثر حاصل ڪيو ۽ ايڏو تسلط پيدا ڪري ورتو، جو جڏهن مرزا غازيءَ هنن مان جند ڇڏائڻ چاهي ته کيس سخت تڪليفون ڏسڻيون پيون ۽ پنهنجي تيرهن ورهين جي دور اندر، مڪمل طرح ڪڏهن به خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس کان اختيار ڇڏائي نه سگهيو.
سنڌ جي معاملن ۾ انهيءَ اثر جي بنياد تي جڏهن 1011 هه/ 1602ع ۾ اڪبر بادشاهه، مرزا غازيءَ کي گهرائڻ لاءِ حڪم صادر ڪيو ته مرزا خسروءَ کي ساڻ وٺي اچڻ لاءِ پڻ ان ۾ خاص هدايت ڪئي وئي. ليڪن خسرو جي روش، سنڌ اندر اهڙي نازڪ صورتحال پيدا ڪئي، جو مرزا غازيءَ کي لاچار ٿي، کيس پٺيان ڇڏي وڃڻو پيو ۽ سندس بدران سندس پٽ لطف الله کي ساڻ وٺي ويو.
خسرو خان جي انهيءَ رويي سبب مرزا غازي بيگ کي ڪيترا دفعا اڪبر بادشاهه جي حضور ۾ پيش ٿيڻو پوندو هو. 1001هه/1592ع کان 1017هه/1608ع تائين چند درمياني وقفن کان سواءِ، خسرو جي مسلسل اقتدار سبب پيدا ٿيل حالتن مرزا غازيءَ کي هن دفعي به مجبور ڪيو ته سنڌ جي ترخاني حصي جون واڳون وري به خسرو خان جي حوالي ڪري وڃي. ان ڪري سندس پٽ لطف الله، ڀائي خان مرزا سان گڏ قنڌار ويو ۽ خسرو خان پاڻ پنهنجي سر ساڳيءَ طرح سنڌ اندر قائم مقام حاڪم رهيو.
مغلن جي فتح ۽ ترخانن جي زوال واري دور ۾ سنڌ جي بچيل حصي تي ٻن ترخان امير خاندانن جو اقتدار رهيو، نصرپور واري پاسي امير شاهه قاسم بيگلار جي خاندان جو ۽ ٺٽي واري حصي تي مرزا خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس پنهنجن عزيزن کي ڪل اختيار ڏئي ڇڏيا هئا. سندن اڻ وڻندڙ روين ملڪ ۾ ظلم، تشدد ۽ لاقانونيت جي فضا پيدا ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ کان پوءِ 1611ع ۾ خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس کي راءِ سنگهه اچي سنڌ مان بيدخل ڪيو، پر هي اڃا سنڌ ۾ ئي هو، جو کيس خبر پئي ته مرزا غازي بيگ انتقال ڪري چڪو آهي، انهيءَ کان پوءِ خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس واپس ٺٽي پهتو ۽ سڀ کان پهرين بيدخل ڪندڙن کي تمام اذيت ناڪ سزائون ڏنائين ۽ ان کان پوءِ ٻيهر ملڪ تي قبضو ڪيائين، اڳ وانگر پنهنجا مٽ مائٽ جتي ڪٿي مقرر ڪري اڇي ڪاري جو مالڪ بنجي ويٺو. هن سڄيءَ صورتحال جي جڏهن جهانگير بادشاهه کي خبر پئي ته هن هڪدم مير عبدالرزاق معموريءَ کي ٺٽي اماڻيو. عبدالرزاق معموري ٺٽي پهچندي ئي مرزا عبدالعليءَ کي معزول ڪري خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس کي پنج صدي منصب جي لالچ ۾ رکي، ملڪ ۽ حالتن کي پنهنجي وس ڪيو. انهيءَ وچ ۾ مرزا رستم 21 محرم 1021هه/ 14 مارچ 1612ع تي پنهنجي لشڪر سميت ٺٽي پهچي ويو. مرزا رستم جي پهچڻ کانپوءِ مير عبدالرزاق ترخانن جي سموري قبيلي کي معزول ڪري عبدالعليءَ سميت سنڌ مان ڪڍي جهانگير وٽ پيش ڪرڻ لاءِ اجمير ڏانهن وٺي ويو. جهانگير وٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ جهانگير مرزا عبدالعلي ۽ خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس کي قيدخاني ۾ وجهرائي ڇڏيو، ڪجهه عرصي کان پوءِ عبدالعلي مرزا نورجهان بيگم جي سفارش تي آزاد ٿي ويو، پر خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس آزاد ٿي نه سگهيو ۽ قيد خاني ۾ ئي وفات ڪيائين. هڪ ٻي روايت مطابق مغلن جي قبضي کان پوءِ خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس ايران هليو ويو ۽ اتي ئي گذاري ويو.
حديقة الاولياء‘ جي مصنف سيد عبدالقادر ٺٽوي/ نصرپوريءَ پنهنجي هيءَ تاليف 1016هه/ 1607ع ۾ امير خسرو چرڪس جي نالي منسوب ڪئي، ان وقت هر لحاظ کان سنڌ اندر فقط خسرو چرڪس ئي انهيءَ اعزاز جو مستحق هو، سنڌ جو حاڪم مرزا غازي ترخان وطن کان ڏور هو. سيد عبدالقادر پنهنجو قلمي پورهيو خسرو چرڪس جي نالي منسوب ڪندي جيڪا عبارت لکي آهي، اها به ان ڳالهه جي شاهد آهي ته مولف مذهبي لاڙي کان وڌيڪ خسرو چرڪس جي دنياوي اقتدار کان متاثر هو.


لفظ خسرو خان چرڪسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1593.03.18  عيسوي

مرزا جاني بيگ کي جڏهن خان خانان هندستان وٺي هليو ته ٻين ترخاني اميرن سان گڏ خسرو خان کي به گڏ وٺي ويو. (عبدالباقي نهاونديءَ جي لکڻ موجب مرزا جاني بيگ، 24 جمادي الثاني سن 1001هه/ 18 مارچ 1593ع تي اڪبر جي درٻار ۾ پهتو.)


1601.01.22  عيسوي

مرزا جانيءَ جي انتقال (27 رجب 1009هه/ 22 جنوري 1601ع) کان پوءِ سنڌ جي ترخاني حصي تي، سندس پٽ مرزا غازي بيگ برقرار رهيو. مرزا غازي بيگ ننڍيءَ عمر جو هو، جنهنڪري خسرو خان چرڪس صحيح معنيٰ ۾ ملڪ جو مختار ڪُل ٿي ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب تاج محمد
ڀرڪيو شيخ ڪاتيار
سر شاهنواز خان ڀٽو
فضل الرحمٰن ميمڻ
حاجي عبدالله هارون
ارونا حسين
ڀڳوان لالواڻي
شيخ جهان امير
شوڪت سنڌي
انور بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون